سوامي رام تيرٿ

سوامي رام تيرٿ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سوامي رام تيرٿ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي خاص واقعن کي چٽيءَ طرح چٽيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ وشنداس ايسرداس جڳتياڻي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد، سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل 224 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي پڪي جلد جي قيمت هڪ آنو اٺ پايون ۽ ڪچي جلد جي قيمت هڪ آنو چار پايون ڄاڻايل آهن.


لفظ سوامي رام تيرٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو